جتوئي  لياقت علي

جتوئي لياقت علي

لياقت علي جتوئي

لياقت علي جتوئي: دادو ضلعي سان واسطو رکندڙ، نامياري سياستدان لياقت علي خان ولد عبدالحميد خان جتوئيءَ جو جنم، 5 جنوري 1948ع تي دادوءَ ۾ ٿيو. هن جو بنيادي تعلق زميندار ۽ سياسي گهراڻي سان آهي. ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان ڪيائين. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پوليٽيڪل سائنس جي شعبي ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪري، ڪجهه وقت يونيورسٽيءَ ۾ استاد به رهيو، 1977ع ۾ پهريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي ايم. پي. اي چونڊجي ويو. 1977ع ۾ جنرل ضياءَ پاران اسيمبليون ٽوڙڻ بعد ان پاران 81-1980 ۾ جوڙيل مجلس شورا جو ميمبر ٿيو. 1997ع ۽ 1990ع جي چونڊن ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تي ايم. پي. اي. طور چونڊجي آيو. ان دوران 1990ع ۾ کيس خزاني جي صوبائي وزارت جي ذميواري سونپي وئي. جنهن دوران پاڻ نوازشريف جي مسلم ليگ ۾ اتحادي رهيو. 1997ع ۾ سنڌ جو وزيراعليٰ بڻيو، جيڪو عهدو وٽس آڪٽوبر 1998ع تائين رهيو. 2002ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر طور کٽيائين. ان عرصي ۾ ترتيب وار صنعت، پاڻي ۽ بجليءَ جي وفاقي وزارت وٽس رهي. لياقت جتوئي جرنل پرويز مشرف جي اتحادي مسلم ليگ (ق) ۾ شامل ٿيو ۽ جنرل پرويز مشرف جي ويجهن ساٿين ۾ ليکجڻ ۾ آيو. جنهنڪري سنڌ ۾ سندس سياسي ساک کي ڇيهو رسيو ۽ 2008ع جي عام چونڊن ۾ پنهنجن سمورن اميدوارن سميت هارايائين. هن وقت دادو اتحاد جي پليٽ فارم تان سياسي سرگرمين ۾ مصروف عمل آهي .


لفظ لياقت علي جتوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو